حسن ابدال

حسن ابدال: (شهر): حسن ابدال، پنجاب جي ضلعي اٽڪ جو اهم شهر آهي، هتي سکن جي مشهور زيارتگاهه“پنجه صاحب“ جي درٻار آهي. جنهن ۾ هڪ پٿر رکيل آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان پٿر تي سکن جي روحاني پيشوا گرونانڪ جي هٿن جا نشان آهن. (وڌيڪ ڏسو: پنجه صاحب، جلد ٽيون).
هن شهر ۾ هڪ باغ به آهي، جنهن بابت ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان ۾ اڪبر بادشاهه جي هڪ زال جي مزار آهي. حسن ابدال ۾ وڏا ۽ خوبصورت چشما وهن ٿا، جن ذريعي ڪيترا باغ سيراب ٿين ٿا. هتي هڪ ڪيڊٽ ڪاليج به قائم آهي. هر سال ويساک جي مهيني ۾ سک، پنجه صاحب جي زيارت لاءِ وڏي تعداد ۾ حسن ابدال ايندا آهن. انهن ڏينهن ۾ حسن ابدال ۾ ماڻهن جي ڏاڍي رش هوندي آهي. سکن لاءِ هيءُ شهر وڏي عزت ۽ احترام جي حيثيت رکي ٿو.


لفظ حسن ابدالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو